پراڻو پارڪر

پراڻو پارڪر (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب منگهارام اوجها جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنهي طريقن سان بهتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو به تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. ليکڪ هن ڪتاب جو انتساب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نانءِ ڪيو آهي. رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري پاران پهريون ڀيرو 1966ع ۾ شايع ڪيو ويو، ٻيو ڀيرو 1975ع ۾، ٽيون ڀيرو 1988ع ۾، چوٿون ڀيرو 1998ع ۾ ۽ هي پنجون ڇاپو 2006ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڊيمي سائيز جي 109 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت -/70 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو